سيراني خواجه محڪم الدين

سيراني، خواجه محڪم الدين: خواجه محڪم الدين سيراني 1137هه/ 1725ع پاڪ پتن کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ محب عليءَ ۾ کرل قبيلي ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد عبدالله هو. روحاني فيض پنهنجي سئوٽ خواجه عبدالخالق کان ورتائين، جيڪو خواجه اويس قرنيءَ جي اويسي سلسلي جو هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪري پنهنجي مرشد سان گڏ دهليءَ روانو ٿيو، جتي پنهنجي تعليم مڪمل ڪيائين. ذڪر ۽ فڪر جي لحاظ کان پاڻ سلسله قادريه حنفيه جو مشتاق هو. سڄي زندگي اڪيلو رهيو ۽ شادي نه ڪيائين. سدائين سير ۽ سفر ۾ رهندو هو ۽ مرشد جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪٿي به هڪ رات کان وڌيڪ نه ٽڪيو، ان ڪري کيس ’سيراني‘ ۽ ’صاحب السير‘ سڏجي ٿو. دنياوي شين کان پري رهڻ ڪري کيس ’سلطان التارڪين‘ به چيو ويندو آهي.
سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس مجلسن ۾ سماع ٿيندو هو. سنڌ ۾ درگاهه مڪان شريف (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي بزرگ مخدوم عبدالحميد ٻوچڙائيءَ جي خدمت ۾ ڪجهه عرصو رهيو ۽ هڪ ڪرڙ جي وڻ هيٺان هڪ جهوپڙي ٺاهي ذڪر فڪر ۾ رهيو. ان جهوپڙيءَ واري هنڌ کي اڃا تائين ’خانقاهه‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پنجاب ۾ سندس درگاهه واري علائقي جو پڻ نالو آهي. ڪاٺياواڙ ۾ ڌوراجي بندر وٽ 6 ربيع الثاني 1197هه/1782ع تي حافظ ڪوڪي نالي شخص کيس زهر ڏئي شهيد ڪيو. سندس عمر 60 سال هئي. ڌوراجي ۾ سندس شهادت جي جاءِ تي به سندس درگاهه قائم آهي. مزار خانقاه ضلعي بهاولپور ۾، سمه سٽه کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي سندس عاليشان مقبرو ۽ درگاهه ٺهيل آهي، جتي هر سال 5 ربيع الثاني تي عرس ٿيندو آهي. موجوده گادي نشين ميان صلاح الدين اويسي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو